توحيد 2

توحيد (رسالو ):”توحيد“ جي نالي سان هڪ ننڍو پر مفيد ڪتاب مولانا دين محمد وفائيءَ جو لکيل آهي. رايل سائيز واري هن ڪتاب جا 32 صفحا ۽ قيمت 3 آنا آهي. دفتر توحيد، عباسي ليٿو پريس ڪراچيءَ، مان، سال 1940ع ۾ ڇپايو ويو.
ساڳئي نالي سان هڪ ماهنامو ”توحيد“ مولوي دين محمد وفائيءَ 1923ع ۾ جاري ڪيو. ڪن حالتن جي ڪري ٽن سالن کان پوءِ ان کي بند ڪرڻو پيو. 8 سالن کان پوءِ وري 1934ع ۾ جاري ڪيائين. هن دور ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ جي رسالي کي تمام گهڻي شهرت ملي. مولانا دين محمد ’وفائي‘ مشهور عالم دين ۽ سياستدان هو. هن خلافت تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. سنڌ جي ماڻهن هن رسالي جي دل کولي آجيان ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو